صـنـدوق سڪـينه/ تابوت سڪـيـنه شاهديءَ جي صندوق

صـنـدوق سڪـينه/ تابوت سڪـيـنه شاهديءَ جي صندوق

صـنـدوق سڪـينه تابوت سڪـيـنه

صـنـدوق سڪـينه/ تابوت سڪـيـنه (شاهديءَ جي صندوق: Ark of The Covenant): عهدنامي قديم (توريت) جي ڪتاب ٻئي، خروج (38،37،36) مطابق حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي شريعت جا ڏهه الاهي حڪم (Ten Commandments) وٺي سيناء جبل تان لهي آيو. پٿر جي تختين تي اُڪريل اهي احڪام پنهنجي قوم کي ڪوٺي تفصيل سان ٻڌايا ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو. ان بعد حڪم (منشا) الاهي موجب ڪن ضروري شين جوڙڻ جو سامان، طريقو ۽ بيهڪ بيان ڪندي عبايت لاءِ هڪ خيمي يا تنبوءَ، صندوق، حوض، صندلي، قربانگاهه، شمعدان، رحمت جو پوش (Mercyseat) ميز، ٿانوَ، پردا، ٻٻر جي ڪاٺ جا تختا، سون (نج، پلٽيل، گهڙيل) سڻيءَ جو ڪپڙو، لوبان وغيره قوم کي نذراني طور کڻي اچڻ لاءِ هدايت ڪيائين. انهن شين جوڙڻ جو ڪم قوم جي سمجهدار ماڻهن ۽ هنرمندن جي ذمي لڳايائين.پراڻي يهودي تاريخ ۾ سڀ کان متبرڪ صندوق سڪينه يا شاهديءَ واري صندوق سمجهي ويندي آهي، جنهن ۾ خاص ڪري حضرت موسيٰ جي شريعت اُڪريل تختيون، سندس معجزي واري لٺ، ڪپڙا ۽ جُتي جيڪا کيس جبل سيناء تي وڃڻ مهل پاتل هئي ۽ حضرت هارون جو پَٽڪو ۽ ڪپڙا رکيا ويا، ان جي ٺاهڻ جو ڪم بضلي ايل جي ذمي آيو. اها صندوق ٻٻر جي ڪاٺ جي تختن مان ٺاهي وئي ۽ ان تي سونو پٽ چاڙهيو ويو. صندوق جي ڊيگهه سوا پنج فوٽ، ان جي ويڪر ۽ اوچائي هڪ وال جي برابر هئي. ان کي کڻڻ لاءِ پاسن کان سونا ڪڙا لڳايا ويا هئا ۽ ٻٻر جي ڪاٺي جا ٻه ڏنڊا جن تي سون چڙهيل هو. يهودي عقيدو هو ته خدا ان تي ويهي ڪاهن (پروهت) سان همڪلام ٿيندو هو. هو اها صندوق هر هنڌ پاڻ سان کڻي ويندا هئا. ايتريقدر جو جنگ جي ميدان ۾ به اها نيندا هئا. هڪ روايت آهي ته صندوق سڪينه روم جي (Lateran) واري قربانگاهه جي هيٺان آهي، پر ان جي پڪ ڪانهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو